پنجاب جي اڳوڻي آءِ جي جعلي پوليس مقابلن جو اعتراف ڪري ورتو

لاهور: اڳوڻي آءِ جي پنجاب ۽ بلوچستان چوڌري يعقوب جعلي پوليس مقابلن جو اعتراف ڪري ورتو. لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي آءِ جي بلوچستان چوڌري يعقوب چيو ته مان اعتراف ڪريان ٿو ته جعلي پوليس مقابلا ٿيندا آهن پر ڪوبه پوليس مقابلو حڪومت کي خبر هجڻ کان سواءِ نٿو ٿي سگهي.
چوڌري يعقوب چيو ته پوليس آفيسر به مقابلن جي باري ۾ آگاهه هوندا آهن ۽ پوليس مقابلن کي حڪومتي سرپرستي حاصل هوندي آهي. ڪيترن ئي پوليس مقابلن کان پوءِ ڏوهن ۾ به گهٽتائي ٿي.
هن چيو ته موجوده حڪومت به پوليس جو نظام بهتر ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. جڏهن آءِ جي هئس ته سياسي مداخلت کان سواءِ ٽرانسفر پوسٽنگ ممڪن نه هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔