آصف زرداري خلاف نيب وٽ ثبوت نه هئا ته ريفرنس ڪنهن جي چوڻ تي ٺاهيا ويا: شيري رحمان

اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سينيٽر شيري رحمان سماجي رابطي جي ويب سائٽ تي ٽوئٽ ڪندي چيو آهي ته نيب ۽ حڪومتي ڳٺ جوڙ هاڻ بي نقاب ٿي چڪو آهي.
آصف زداري تي بنا ثبوت جي ريفرنس ٺاهيا ويا. پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سينيٽر شيري رحمان سماجي رابطي جي ويب سائٽ تي ٽوئٽ ڪندي چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري جي خلاف نيب ريفرنسز بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا ريمارڪس اسان جي موقف جي تائيد آهي.
پيپلز پارٽي به اهوئي سوال ڪري ٿي ته جڏهن ثبوت نه هئا ته ريفرنس ڪنهن جي چوڻ تي ٺاهيا ويا آهن. حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته عدالت به ثبوت گهري رهي آهي، نيب وٽ آصف زرداري خلاف ثبوت آهن ته اهي عدالت ۾ پيش ڇو نٿا ڪيا وڃن.
شيري رحمان چيو ته آصف زرداري 12 سال جيل ڪاٽي چڪو آهي ۽ هو گذريل 3 سالن کان جيل ۽ پيشين کي منهن ڏئي رهيو آهي. نيب جي پوليٽيڪل انجنيئرنگ جا چرچا نه صرف عدالتون پر اسان جا عالمي ادارا به ڪري چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔