ايندڙ هفتي پاڪستان ۾ پيٽرول جون قيمتون گهٽ ڪيون وينديون: شوڪت ترين

اسلام آباد: ناڻي کاتي جي صلاحڪار شوڪت ترين چيو آهي ته ايندڙ هفتي پاڪستان ۾ پيٽرول جون قيمتون گهٽ ڪيون وينديون. پرڏيهي ويب سائٽ کي انٽرويو ڏيندي شوڪت ترين چيو ته حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدي تحت مني بجيٽ ايندڙ هفتي آڻي رهي آهي پر ان ۾ کائڻ پيئڻ وارين شين تي ڏنل ٽيڪس ڇوٽ ختم نه ٿيندي ان لاءِ مني بجيٽ سان عام واهپي واريون شيون مهانگيون نه ٿينديون.
شوڪت ترين چيو ته مني بجيٽ ۾ ميڪ اپ جو سامان، ڪپڙا، جوتا ۽ پرفيومز سميت ٻئي آسائشي سامان تي ڪسٽم ڊيوٽي وڌائي ويندي. ان کان علاوه مقامي طور تي تيار ٿيندڙ ڪجهه شين تي به سيلز ٽيڪس جي شرح 12 مان وڌائي 17 سيڪڙو ڪئي ويندي.
ناڻي واري صلاحڪار چيو ته عالمي منڊي ۾ قيمتون هيٺ اچڻ کان پوءِ هينئر تائين پيٽرول جون قيمتون گهٽ ناهن ٿيون. پر ايندڙ هفتي پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔