ميڪسيڪو ۾ پناهگيرن کي کڻي ويندڙ ٽرڪ سان حادثو،53 ڄڻا اجل جو شڪار

ميڪسيڪو: ميڪسيڪو ۾ خطرناڪ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 53 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب روڊ حادثو ميڪسيڪو جي ڏکڻ ۾ پيش آيو آهي جتي رياست چياپس ۾ پناهگيرن کي کڻي ويندڙ ٽرڪ پل سان ٽڪرائجي ويو جنهن جي نتيجي ۾ 53 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٽرڪ ۾ تقريبن 100 ماڻهو سوار هئا جن کي وچ آمريڪا مان آندو پئي ويو. رياستي اختيارين جو چوڻ آهي ته ميڪسيڪو ۾ اهو پنهنجي نوعيت جو بدترين حادثو آهي جنهن ۾ 50 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. فوت ٿي ويلن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن جڏهن ته اڃان تائين انهن جي شهريت جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي ته هنن جو تعلق ڪهڙي ملڪ سان هو.
اختيارين موجب حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جو گهڻو انگ پناهگيرن جو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔