(ن) ليگ احتساب جي عمل کان بچڻ لاءِ آخري حد تائين ويندي: شهباز گل

لاهور: وزيراعظم عمران خان جي خاص صلاحڪار شهباز گل چيو آهي ته ڪيپٽن صفدر لاڳيتو وڊيوز مارڪيٽ ۾ آڻڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. (ن) ليگ احتساب جي عمل کان بچڻ جي لاءِ آخري حد تائين ويندي.
سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي ٽوئٽ ۾ وزيراعظم عمران خان جي صلاحڪار شهباز گل چيو آهي ته ڪيپٽن صفدر جو اهو بيان ته ايتريون وڊيوز رليز ٿيڻ واريون آهن جو ڏسڻ کان پوءِ عرق گلاب سان اکيون ڌوئڻيون پونديون.
شهباز گل چيو ته هڪ طرف مريم نواز درس ڏيندي آهي ته ان جي ذاتي زندگي تي ڪابه بيان بازي نه ٿئي ۽ ان جي نجي زندگي جو احترام ڪيو وڃي ته ٻئي طرف ماڻهن جي ذاتي زندگين جون وڊيوز وڏي فخر سان پريس ڪانفرنس ۾ پيش ڪندا آهن ۽ صفدر صاحب ماڻهن جي باٿ رومز جون وڊيوز آڻي رهيو آهي اها منافقت نه آهي ته ٻيو ڇا آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔