ڪراچي ۾ اومي ڪرون وائرس جي شڪي ڪيس جي جاچ جاري آهي: عذرا پيچوهو

ڪراچي : سنڌ جي صحت کاتي واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو آهي ته ڪراچي ۾ اومي ڪرون وائرس جي شڪي ڪيس جي جينومڪ اسٽڊي جاري آهي، 57 سالن جي مريض ۾ وائرس جون علامتون ظاهر ٿيڻ سان لڳي پيو ته هي اومي ڪرون آهي

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اومي ڪرون وائرس تيزي سان پکڙجي ٿو پر ان جي موت جي شرح گهٽ آهي، ڏکڻ آفريقا مان مليل رپورٽن موجب هن قسم جي وائرس سبب وڌيڪ فوتگين جي رپورٽس ناهن ٿيون

هن چيو ته جينومڪ اسٽڊي جا نتيجا اچڻ ۾ 2 هفتا لڳي سگهن ٿا، ڪنهن به قسم جي وائرس کان بچڻ جو بهترين حل ويڪسينيشن ڪرائڻ آهي، ويڪسينيشن نه هجڻ سبب وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو آهي

صوبائي وزير جو چوڻ هو ته اومي ڪرون جي شڪي مريض ويڪسينيشن نه ڪرائي هئي، شهرين کي ٻنهي ويڪسينيشن کانپوءِ بوسٽر ڊوز لڳائڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي، ڪنهن به قسم جي بيماري کان بچڻ لاءِ احتياطي تدبيرون ۽ ويڪسينيشن ضروري آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔