سيالڪوٽ واقعو: لاش جي بيحرمتي ڪندڙ سوڌو وڌيڪ 8 جوابدار گرفتار

ڪراچي: پنجاب پوليس سيالڪوٽ سانحي ۾ ملوث وڌيڪ 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، آءِ جي پنجاب موجب سيالڪوٽ سانحي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جڏهن ته فوٽيجز ۽ موبائيل ڪالز جي ڊيٽا جي مدد سان وڌيڪ 8 اهم جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي

آءِ جي پنجاب چيو ته جوابدارن ۾ ذاڪر سلمان به شامل آهي جنهن لاش جي بي حرمتي ڪئي جڏهن ته ٻين گرفتار جوابدارن ۾ وڊيو ٺاهڻ، اشتعال انگيز ۽ تشدد ڪرڻ وارا به شامل آهن

واضح رهي ته 3 ڊسمبر تي اسپورٽس گارمينٽ فيڪٽري ۾ سريلنڪن مئنيجر پريانٿا ڪمارا تي فيڪٽري جي ملازمن مذهبي پوسٽر هٽائڻ جي الزام ۾ قتل ڪري لاش کي ساڙي ڇڏيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔