ميھڙ واقعو: اُم رباب ۽ سردار چانڊيو جا ھڪٻئي تي الزام

دادو: ميهڙ ۾ ٽن ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ اُم رباب ۽ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو طرفان هڪٻئي تي الزام ھنيا ويا آھن، دادو جي عدالت ۾ پيشي بعد اُم رباب چيو آهي ته جوابدار ڌر ڪيس کي التوا جو شڪار بڻائڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري رهي آهي

ھن چيو تھ اڄ به سردارن جي وڪيلن ڪيس تي ڪارروائي ٿيڻ نه ڏني ۽ عدالت کان مهلت ورتي، پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو چيو آهي ته فريادي ڌُر پاڻ ڪيس کي رولڙي جو شڪار ڪرڻ گهري ٿي، اسان هر ٻڌڻي تي پيش ٿي رهيا آهيون

فريادي عدالت پهچڻ باوجود ٻڌڻي دوران پيش نه ٿيا، دادو جي ماڊل ڪورٽ اُم رباب جي ٽن ڀاتين جي قتل ڪيس تي ٻڌڻي 13 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔