جج صاحب اونهاري ۾ گرم ۽ سياري ۾ سردي وارو فيصلو ناهن ڏيندا: چيف جسٽس

لاهور: چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته عدالتون آزاد آهن ۽ رهنديون، آزاديءَ سان فيصلا ڪنديون، عدالتي فيصلن کي ڪاوڙ ۽ تڪرار جو سبب نه بڻائڻ گهرجي

لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس گلزار احمد چيو ته وڪيل کي صاحب قانون سمجهيو ويندو آهي، وڪيل کي خبر هجڻ گهرجي ته عدالت ۾ ڪيئن پيش ٿبو آهي، وڪيلن پڙهڻ ڇڏي ڏنو آهي، وڪيلن جو ڪم عدالت جي معاونت ڪرڻ آهي، ان ڪري وڪيل کي خبر هجڻ گهرجي ته سائل، جج ۽ ساٿي وڪيل سان ڪيئن پيش اچڻو آهي

جسٽس پاڪستان چيو ته وڪيل ۽ جج هڪ ٻئي جا حريف نٿا ٿي سگهن ۽ نه ٿيڻ گهرجن، هن گهر جي تحفظ جو اصل ڪم وڪيلن ڪيو آهي، قانون جي حڪمراني لاءِ جج ۽ وڪيل هڪ ئي گهر ۾ رهي ڪم ڪندا آهن، هڪ ٻئي تي ناراض نه ٿيڻ گهرجي، ججن ۽ وڪيلن جي ڇڪتاڻ جو سبب سمجهه ۾ نٿو اچي

جسٽس گلزار احمد وڌيڪ چيو ته عدليه جي فيصلن کي عدليه جو رجحان چوڻ مناسب ناهي، عدليه جو ڪو به رجحان ناهي هوندو، جج صاحب گرمي جي موسم ۾ گرمي وارو ۽ سردي جي موسم ۾ سردي وارو فيصلو ناهن ڏيندا. جج جنهن ڪيس کي ٻڌندا تنهن جو حقيقتن موجب فيصلو ڪندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔