اسلام آباد: ڪراچي منتقلي لاءِ آغا سراج دراني جو راھداري ريمانڊ منظور

اسلام آباد: قومي احتساب بيورو (نيب) پ پ اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي سخت سڪيورٽي ۾ احتساب عدالت پهچايو، جتي کيس جج محمد بشير آڏو پيش ڪيو ويو

نيب پراسيڪيوٽر عدالت کان آغا سراج جي ٻن ڏينهن جي راهداري رمانڊ جي درخواست ڪندي چيو ته آغا سراج جا گرفتاري وارنٽ آهن، کيس پهرين موجود اڏام کان ڪراچي منتقل ڪيو ويندو، تنهن ڪري رمانڊ منظور ڪيو وڃي

احتساب عدالت سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جو راهداري رمانڊ منظور ڪري ورتو آهي

 ان موقعي تي جج محمد بشير آغا سراج کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان کي ڪجهه چوڻو آهي؟ ان تي پ پ اڳواڻ چيو ته  هنن کي چئو ته جلد ڪراچي پهچائن، عدالت نيب پراسيڪيوٽر جي درخواست تي آغا سراج دراني کي ٻن ڏينهن جو راهداري رمانڊ منظور ڪري ورتو

واضح رهي ته آغا سراج دراني آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪئي هئي پر عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪندي کيس نيب آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو

عدالتي حڪم کانپوءِ آغا سراج ڪيترائي ڪلاڪ عدالت ۾ رهيو جڏهن هو عدالت مان ٻاهر نڪتو  نيب کيس گرفتار ڪري ورتو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔