سنڌ ۾ ارڙي جا راڱا، اڄ وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت

پڊعيدن/ڪنڌڪوٽ: پڊعيدن ۾ ارڙي وبائي صورت اختيار ڪري ورتي آهي، 2 ڏينهن اڳ فوت تي ويل ٻن معصوم ڀائرن جو اڄ هڪ وڌيڪ ڀاءُ به فوت ٿي ويو، پڊعيدن ۾ 4ڏينهن ۾ فوتي ٻارڙن جو انگ 4 ٿي ويو آهي

پڊعيدن ڀرسان ڳوٺ ڪريم بخش شر ۾ 2 ڏينهن اڳ 4ورهين جو ابوبڪر ۽ 3 ورهين جو عمر شر ارڙي وگهي فوت ٿي ويا هئا ۽ اڄ سندن ٽيون ڀاءُ 7 ورهين جو محمد معاويه فوت ٿي ويو

ٻئي پاسي ڪنڌڪوٽ جي گوليمار رئيس بھادر چاچڙ واسي محمد خان چاچڙ جي 5سالن جي گلن جھڙي نينگري عابده ارڙي سبب فوت ٿي وئي، جڏهن ته ساڳئي گھر ۾ 4معصوم ٻارڙا ارڙي ۾ ورتل آھن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔