وفاقي حڪومت جو عوام کي ڪو به رليف ڏيڻ جو ارادو ناهي: امتياز شيخ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ چيو آهي ته وفاقي حڪومت جو عوام کي ڪو به رليف ڏيڻ جو ارادو ناهي، تبديلي سرڪار جي دور ۾ عوام کي ڪنهن به قسم جي رليف جي اميد نه رکي

پنهنجي هڪ جاري ڪيل بيان ۾ امتياز شيخ چيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي باوجود پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي ناهي ڪئي وئي، وفاقي حڪومت کي رڳو پنهنجي اي ٽي ايمز جي پرواهه آهي

صوبائي وزير جو چوڻ آهي ته فيول ايڊجسٽمينٽ جي نالي تي هر مهيني عوام جي کيسي مان اربين رپيا لٽيا پيا وڃن، نيپرا پاران آڪٽوبر ۾ بجلي جي بلن ۾ 4.74 في يونٽ وصول ڪرڻ جو فيصلو ظالماڻو قدم آهي

امتياز شيخ چيو ته سوئي سدرن طرفان گئس اگهن ۾ واڌ واري مبينا اضافي جي تجويز کي رد ڪيون ٿا، سنڌ سڀ کان وڏو گئس پيدا ڪندڙ صوبو آهي، سنڌ سان حڪمرانن سان تعصبي رويي سبب عوام ۾ مايوسي وڌي رهي آهي، 10 ڊسمبر تي عوام دشمن پاليسين ۽ مهانگائي خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔