بلڊنگس آرڊيننس سڄي سنڌ ۾ لاڳو هوندو، گورنر کي آرڊيننس پڙهڻ بعد بيان ڏيڻ گهرجي: سعيد غني

ڪراچي : سنڌ ۾ غيرقانوني رهائشي عمارتن کي قانوني قرار ڏيڻ واري آرڊيننس تي گورنر ۽ صوبائي حڪومت آمهون سامهون اچي ويا، سنڌ ڪابينا جي اجلاس بعد  ميڊيا سان ڳالھائيندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته بلڊنگس آرڊيننس سڄي سنڌ ۾ لاڳو هوندو، گورنر سنڌ کي آرڊيننس پڙهڻ بعد بيان ڏيڻ گهرجي، پي ٽي آءِ جا وزير رڳو اداڪاري ڪن ٿا، پنجاب 6 هزار غيرقانوني اسڪيمز کي قانوني قرار ڏيڻ لاءِ ڪميشن جوڙي آهي، تنقيد ۽ واويلا رڳو سنڌ حڪومت جي  قدم تي ڪئي ويندي آهي

پريس ڪانفرنس دوران صوبائي وزير سعيد غني وڌيڪ چيو تھ سنڌ حڪومت آرڊيننس آڻي ٿي ته اعتراض ڪيو وڃي ٿو، گورنر کي آرڊيننس جو پهرين مطالعو ڪرڻ گهرجي، پي ٽي آءِ اڳواڻ متاثرن کي اڪساهن ٿا ته احتجاج ڪريو

سنڌ حڪومت عوامي مفادن ۾ آرڊيننس جاري ڪيو آهي، آرڊيننس سان غريبن جا اجها ڊهڻ کان بچي ويندا، بلڊنگ آرڊيننس سڄي سنڌ ۾ لاڳو ٿيندو، لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس تي گهڻو گوڙ ڪيو ويو، اپوزيشن کي اعتراض آهي ته ڳالهين لاءِ تيار آهيون

صوبائي وزير سعيد غني چيو تھ مڪاني حڪومت کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ چاهيون ٿا، ميئر لاءِ ضروري ناهي ته اهو ڪائونسل جو ميمبر هجي، چاهيون ٿا ته  صوبائي ۽ مڪاني حڪومت پنهنجو پنهنجو  ڪم ڪري، سالڊ ويسٽ جو قانون به تبديل ڪرڻو پوندو، ماڻهن جي زمين جو فيصلو ڪميشن ڪندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔