سعودي عرب وڌيڪ 7 ملڪن جي اڏامن مٿان پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

رياض: سعودي عرب جي گهرو وزارت وڌيڪ 7 ملڪن جون اڏامون معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو فيصلو ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪورونا وائرس جي نئين قسم اومي ڪرون جي تازي وبا سبب ڪيو ويو آهي.
سعودي حڪومت جن ملڪن جون اڏامون معطل ڪيون آهن انهن ۾ جمهوريه ملاوي، جمهوريه زيمبيا، جمهوريه مڊغاسڪر، جمهوريه انگولا، جمهوريه سيشلز، جمهوريه ماريشس، جمهوريه ڪوموروس شامل آهن. عرب ميڊيا سرڪاري ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته مذڪوره ملڪن مان ڊائريڪٽ يا ان ڊائريڪٽ ايندڙ پرڏيهي مسافرن کي سعودي عرب ۾ داخلا جي اجازت نه آهي پر اهي سعودي اختيارين کان اجازت نامو ۽ ٻين ملڪن ۾ 14 ڏينهن قرنطينه ڪري سعودي اچي سگهن ٿا.
ياد رهي ته هن مهيني جي شروعات ۾ سعودي عرب ڪورونا 19 جي نئين قسم بابت خدشن سبب 7 آفريڪي ملڪن مٿان پابندي لاڳو ڪري ڇڏي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔