گم ٿي ويل صحافي واري ڪيس ۾ شيرين مزاري ۽ گهرو سيڪريٽري طلب

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿي ويل صحافي واري ڪيس ۾ انساني حقن واري وزير شيرين مزاري ۽ گهرو سيڪريٽري کي پهرين ڊسمبر تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي.
هاءِ ڪورٽ ۾ صحافي مدثر نارو جي بازيابي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ايڊيشنل اٽارني جنرل قاسم ودود ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل سيد طيب شاهه جڏهن ته درخواست ڏيندڙ طرفان وڪيل ايمان مزاري عدالت جي سامهون پيش ٿيا. ايڊيشنل اٽارني جنرل متاثر فيملي جي وزيراعظم ۽ ڪابينه سان ملاقات جو وقت نه ٻڌائي سگهيو جنهن تي چيف جسٽس اطهر من الله ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن هڪ وڏي ماڻهو پٽ اغوا ٿئي ها ته رياست جو رد عمل ڪجهه ٻيو هجي ها. هن ڪورٽ صرف اهو آرڊر ڪيو ته وزيراعظم ۽ ڪابينه مان متاثر فيملي جي ملاقات جو وقت ٻڌايو. جيڪڏهن ڪو شهري گم ٿي وڃي ته اهو انتهائي سنگين ڏوهه آهي اهو ته ڪو طريقو ناهي ته متاثر خاندان ڪميشن آڏو رلندو وتي.
ان کان پوءِ عدالت انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري ۽ گهرو سيڪريٽري کي پهرين ڊسمبر تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي پهرين ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔