مطالبا نه مڃيا ويا ته پوري ملڪ ۾ ڪنسٽرڪشن جو ڪم بند ڪري ڇڏينداسين: آباد چيئرمين محسن شيخاڻي

ڪراچي: آباد جي چيئرمين محسن شيخاڻي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته فڪر جي ڳالھ آھي ته ھڪ آرڊر ٿئي ٿو بلڊنگ ڪيرائي وڃي، ھڪ آرڊر ٿئي ٿو ته بني گالا ۽ بحريا ٽائون ريگيولرائز ڪيو وڃي، ھڪ ملڪ ۾ 2، 2 قانون نه ھلايا وڃن. هن چيو ته ھڪڙو ادارو ٺاھيو وڃي، جيڪو اين او سي ڏئي، آباد ھن صورتحال ۾ ڪم ڪرڻ جي پوزيشن نه ھئي، ارڀين رپيا لڳائڻ باوجود پروجيڪٽ جي ويليو ناھي.

محسن شيخاڻي چيو ته اسان کي پرامن احتجاج جو به حق ناھي، وائيس چيئرمين جي ٻانھن ڀڄي پئي. ايس بي سي اي ڪم نٿي ڪري سگھي. ادارا ڪم نٿا ڪري سگھن ته انھن کي خانگايو وڃي، ادارا ڀلي ڊي ايڇ اي حوالي ڪيا وڃن.

محسن شيخاڻي چيو ته اسان کي سنڌ حڪومت چيو ته اسان بل آڻينداسين وري چيو ويو ته اپوزيشن ساٿ نٿي ڏئي، وزيراعليٰ ۽ چيف سيڪريٽري صوبي جا مالڪ آھن، اھي نه ڪندا ته ماڻھو ڪيڏانھن وڃن؟ هن چتاءُ ڏنو ته اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته ڪراچي کانپوء حيدرآباد ۽ سڄي ملڪ ۾ ڪنسٽرڪشن جو ڪم بند ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔