عدالتي ڪمري کان ٻاهر هليا وڃو: چيف جسٽس پاران حافظ نعيم تي ڪاوڙ

ڪراچي : سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ نسلا ٽاور بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ڪمشنر ڪراچي ۽ جماعت اسلامي ڪراچي جو اڳواڻ حافظ نعيم الرحمان عدالت ۾ پيش ٿيا، چيف جسٽس پاران جماعت اسلامي جي اڳواڻ حافظ نعيم الرحمان تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، ٻڌڻي دوران حافظ نعيم الرحمان عدالت کي چيو ته سنڌحڪومت کي معاوضو ڏيڻ جو حڪم ڏنو وڃي

چيف جسٽس نعيم الرحمان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هن عمارت ۾ توهان جي ڪهڙي دلچسپي آهي، هتي سياست نه هلندي، جسٽس قاضي امين چيو ته توهان ٻڌو ناهي چيف جسٽس ڇا چيو، عدالتي ڪمري ۾ ڪنهن کي به سياست ڪرڻ جي اجازت ناهي، چيف جسٽس چيو ته توهان ڪهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهيو، هاڻي توهان کي توهين عدالت جو نوٽيس ڏينداسين، توهان عدالت کان ٻاهر هليا وڃو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔