ويڪسين نه لڳرائيندڙن کي مسجد ۾ نماز پڙهڻ جي اجازت نه هوندي: سنڌ حڪومت

ڪراچي: صوبائي گهرو وزارت حڪم ڏنو آهي ته سموري سنڌ ۾ صرف ويڪسينيٽيڊ ماڻهن کي مسجد ۾ نماز پڙهڻ جي اجازت هوندي. رپورٽ موجب ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ سنڌ حڪومت طرفان هڪ دفعو ٻيهر قدم کنيا پيا وڃن.
ان حوالي سان اين سي او سي جي هدايتن تي گهرو وزارت سنڌ ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ نئون حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ جي گهرو وزارت طرفان جاري ٿيندڙ حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا ويڪسين نه لڳرائيندڙ ماڻهن کي مسجد ۾ نماز پڙهڻ جي اجازت نه هوندي. صرف ويڪسينيٽيڊ ماڻهن کي ئي مسجد ۾ نماز پڙهڻ جي اجازت هوندي.
جڏهن ته نماز ۽ مذهبي اجتماعن ۾ شرڪت جي لاءِ ماسڪ جو استعمال لازمي هوندو. گهرو وزارت حڪم ڏنو آهي ته صوبي جي سمورين مسجدن مان ڪارپيٽ هٽايا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔