ڪراچي ۾ نسلا ٽاور جي متاثرن جو احتجاج، چڪريون، لٺبازي

ڪراچي: ڪراچي ۾ نسلا ٽاور جي متاثرن پاران نسلا ٽاور آڏو احتجاج ڪندي نسلا ٽاور ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پوليس روڪي ورتو، چڪريون پڻ ٿيون، پوليس پاران احتجاج ڪندڙن مٿان ڳوڙها ڳاڙيندڙ گئس جو استعمال ڪيو ويو آھي

وڏي انگ ۾ ماڻھن نسلا ٽاور اڳيان احتجاج ڪيو آھي، پوليس طرفان ڳوڙھا آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪيو ويو آھي، رينجرز وڏي انگ ۾ پڻ پھتي، مظاھرين مٿان لٺبازي پڻ ڪئي وئي آھي، شاھراھ فيصل تي ٽريفڪ جام ٿي وئي آھي، آباد جو چيئرمين ۽ بلڊرز بھ پھچي ويا پوليس جي لٺبازي ۾ ڪجھ مظاھرين جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع پڻ آھن

آباد جي تنظيم جي چيئرمين جو چوڻ آھي تھ پوليس لٺبازي ڪئي آھي، ھوائي فائرنگ بھ ڪئي وئي آھي، اسان مٿان فائرنگ ڪئي وئي جيئن اسان دھشتگرد ھجون، مذمت ڪيون ٿا، محسن شيخاڻي جو چوڻ ھو تھ ھي ظلم آھي، اسان مٿان فائرنگ ڪئي وئي آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔