سمورا سرڪاري آفيسر ٿرپارڪر ۾ پنهنجو علاج ڪرائين: چيف جسٽس

ڪراچي: چيف جسٽس پاڪستان چيو آھي تھ سمورا سرڪاري آفيسر ٿرپارڪر ۾ پنهنجو علاج ڪرائين، چئن ڪلاڪن جو سفر آهي، جنهن آفيسر جي قسمت ڀلي هوندي ته بچي ويندو، اسان سڀني لاءِ آرڊر ڪنداسين ته ٿر جي اسپتالن مان علاج ڪرائين، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ٿر ۾ غذائي کوٽ سبب ٻارن جي فوت ٿيڻ بابت ڪيس تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس طرفان ريمارڪس ڏنا ويا آھن

سيڪريٽري صحت طرفان پيش ڪيل رپورٽ تي بي اطميناني جو اظهار، چيف جسٽس گلزار احمد سيڪريٽري صحت کي چيو ته توهان کي ڪم ناهي ڪرڻو ته ڪنهن ٻئي کي اچڻ ڏيو، ڇا ڪنهن جاچ ڪئي آهي ته معصوم ٻارڙا ڇو مري رهيا آهن؟ ماڻهن کي جانورن جيان مرڻ لاءِ ڇڏيو ويو آهي، اسان اسپتالن ۾ گڏهه ٻڌل ڏٺا آهن، لائيٽ ۽ ايڪسري مشين جي به سهولت ناهي، ٿر ۾ پيئڻ جو پاڻي به ناهي، اربين رُپين جا لڳايل آر او پلانٽس به ناڪاره ٿي ويا

چيف جسٽس چيو تھ سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ ٿر ۾ غذائي کوٽ ٻارن جي فوت ٿيڻ بابت ڪيس تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته ٿر ۾ ٻار مرن ٿا پر ڪنهن کي به پرواهه ناهي، رڳو چيو ويندو آهي ته يون اين هينئن چيو، اُهي ته يوڪي ۾ ويهي رپورٽ ٺاهين ٿا، توهان ڇا ڪري رهيا آهيو

سيڪريتري صحت کي ڇنڊ ڪڍندي عدالت چيو ته توهان ٿر، مٺي ۽ ڏيپلي کي ڏٺو آهي، اُتي سڀ ڪجهه الله جي آسري تي آهي، ڪوئلو، گئس ۽ ٻيا قدرتي وسيلا نڪرڻ باوجود اُتي لکين مسئلا آهن، عام ماڻهن ۽ حڪومت وچ ۾ ڪوبه رابطو ناهي، ڪمشنر بادشاهه بڻيل آهن، ڪنهن کي به ڪا پرواهه ناهي، توهان مبينا ماسٽرز جا نه، پر عوام جا نوڪر آهيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔