سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن جو احتجاج ۽ گوڙ، ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ۽ حڪومتي ميمبرز ٻيهر آمهون سامهون، صوبائي وزير مُڪيش ڪمار چاولا جي خطاب دوران مخالف ڌُر جي ميمبرز جو احتجاج ۽ گوڙ، اپوزيشن ميمبرز ايجنڊا جون ڪاپيز ڦاڙي اُڇلي ڇڏيون آھن

 ڊپٽي اسپيڪر، اپوزيشن ليڊر کي چيو ته توهان پنهنجو رويو صحيح ڪريو، پنا ڦاڙي مون تي اُڇليندئو ته ڳالهائڻ نه ڏينديس، پي ٽي آءِ ميمبرز طرفان ايوان ۾ ميگا فون کڻي اچڻ تي پ پ ميمبرز بھ گوڙ ڪيو

 صوبائي وزير اويس قادر شاهه چيو ته پي ٽي آءِ وارا ميگا فون ايوان ۾ کڻي آيا آهن، اسيمبلي جو سيڪيورٽي اسٽاف ڇا ڪري رهيو آهي، حليم عادل شيخ چيو ته اسان بهتر نموني ڪارروائي چاهيون ٿا، حڪومتي ڌُر غير جمهوري رويو رکيو آهي، اسان جي ڳالهه نه ٻڌي وئي ته احتجاج کانسواءِ ٻيو ڇا ڪري سگهون ٿا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔