سنڌ حڪومت ۽ وفاق ۾ هلندڙ تڪرار دوران اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جو رويو غيرمناسب آهي:سعيد غني

ڪراچي: صوبائي وزير سعيد غني چيو آھي تھ سنڌ سرڪار ڪامورن جي بدلين تي اسٽيبلشمينٽ جو رويو غيرمناسب قرار ڏيندي وضاحتي خط واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، صحافين سان ڳالھائيندي سعيد غني چيو ته صوبائي حڪومت ۽ وفاق ۾ هلندڙ تڪرار دوران اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جو رويو غيرمناسب آهي

ھن وڌيڪ چيو تھ وزيراعظم اُهو مسئلو حل ڪرائي، امن امان صوبائي حڪومت جي ذميوار آهي ۽ اسان سنڌ ۾ امن امان خراب ٿيڻ نه ڏينداسين، پوليس آفيسرز جي بدلين سان فرق نه پوندو، وفاقي وزيرن طرفان سنڌ حڪومت کي مهانگائي جو ذميوار قرار ڏيڻ تي ردعمل ظاهر ڪندي سعيد غني چيو ته وفاق وزير بي تڪيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، سنڌ ۾ 12 لک ٽن خريد ڪئي وئي ته 16 لک ٽن ڪيئن چوري ٿي؟ پنجاب ۾ جاري ٿيل ڪڻڪ ته جانور به نٿا کائي سگهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔