سڀاڻي کان پيٽرول پمپس بند رهندا، پيٽروليم ڊيلرز پاران هڙتال جو اعلان

ڪراچي: پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن هڪ ڀيرو ٻيهر 25 نومبر کان سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته 25 نومبر جي صبح 6 وڳي کان سڄي ملڪ ۾ پيٽرول پمپ بند رهندا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ به پيٽرول پمپ بند رهندا

پيٽروليم ڊيلرز ايسوسي ايشن جي سيڪريٽري نعمان بٽ چيو آهي ته حڪومت اسان جا مطالبا نه مڃيا آهن، جيستائين ڊيلر جو مارجن 6 سيڪڙو نه ٿو پهچي تيستائين حڪومت سان ڳالهيون نه ٿينديون

نعمان بٽ جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت مطالبا مڃڻ جو يقين ڏياريو هو پر هن وقت تائين ڪو به رابطو نه ڪيو ويو آهي، حڪومت جي يقين ڏيارڻ کانپوءِ 5 نومبر تي هڙتال جو سڏ واپس ورتو ويو آهي، پيٽرول پمپ مالڪن کي چيو ويو آهي ته سڀاڻي صبح 6 وڳي کان پمپ بند رکن

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔