چيف جسٽس سپريم ڪورٽ پاران ڪمشنر ڪراچي کي اڄ ئي نيسلا ٽاورڪيرائڻ جو حڪم

ڪراچي : چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد ڪمشنر ڪراچي کي چيو آهي ته سڄي شهر جي مشينري ۽ عملو وٺي وڃ ۽ نسلا ٽاور کي ڪيرائي منجهند جو رپورٽ ڏيو

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ نسلا ٽاور جي ڊاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ڪمشنر ڪراچي جي رپورٽ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، چيف جسٽس چيو ته تجوري هائٽس کي به هن وقت تائين ناهي ڪيرايو ويو، جنهن تي ڪمشنر ڪراچي چيو ته تجوري هائٽس تي مسمار جو ڪم جاري آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ان جي به رپورٽ تصويرن سان گڏ منجهند جو جمع ڪرايو

ڪمشنر ڪراچي عدالت کي ٻڌايو ته اسان نسلا ٽاور تي آپريشن شروع ڪيو آهي، جنهن تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪيتريون عمارتون ڊهي پٽ ٿيون، ڪيترو ڪم ٿيو آهي، ان بابت ٻڌايو، ڪوڙ نه ڳالهايو، چيف جسٽس کي درخواست ڪندي ڪمشنر ڪراچي چيو ته منهنجي ڳالهه ٻڌو، جنهن تي جسٽس قاضي امين چيو ته ڇا توهان پنهنجي گهر ۾ بيٺا آهيو، عدالت سان ڳالهائڻ جو اهو طريقو آهي، جسٽس قاضي امين ڪمشنر ڪراچي کي چيو ته هو وڌيڪ سمارٽ ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪن

ڪمشنر ڪراچي چيو ته سَر، مان عمارت ڊاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته توهان ڪوشش کي ڇڏيو، هتان کان سڌو جيل وڃو، ڪمشنر جو  چيف جسٽس کي چوڻ هو سر مان ڪجهه توهان کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، جنهن تي چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته اسان سمجهي رهيا آهيون پر اوهان نه پياس سمجهو، صرف ٽائيم پاس ڪري رهيا آهيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔