سکر: خورشيد شاهه جي تڪ ۾ 82، ناصر شاهه جي 50 ۽ اويس شاهه جي تڪ ۾ 4 اسڪول بند

سکر(ن پ ا) سنڌ اندر 5000 سرڪاري اسڪول بند ڪرڻ جي حوالي سان تعليم کاتي فعال، غيرفعال ۽ بند سرڪاري پرائمري اسڪولن جي لسٽ تيار ڪري ورتي، جنهن جي رپورٽ به جاري ڪئي وئي آهي

جاري ڪيل رپورٽ موجب سکر ضلعي ۾ 992 پرائمري اسڪولز قائم آهن، ضلعي اندر 871 پرائمري اسڪول فعال آهن، 112 اسڪول مستقل ۽ 9 اسڪول عارضي طور بند آهن

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نيو تعلقي ۾ 6، روهڙي ۾ 34، پنوعاقل ۾ 72 ۽ صالح پٽ ۾ 10 اسڪول بند آهن

ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جي تڪ ۾ 82 پرائمري اسڪول بند آهن، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي تڪ ۾ 50 پرائمري اسڪول بند آهن جنهن۾ ڇوڪرن جا 28 ۽ ڇوڪرين جا 6 اسڪول شامل آهن، صوبائي وزير اويس قادر شاهه جي تڪ صالح پٽ ۾ ڇوڪرين جي 6 مان 4 پرائمري اسڪول بند آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔