ثاقب نثار جو آڊيو، راڻا شميم جو حلف نامي جي بيان جي وضاحت ججن ۽ عدليه کي ڪرڻي آھي: پي ڊي ايم ترجمان

مخالف ڌر جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي ترجمان حافظ حمدالله چيو آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جو آڊيو ۽ جسٽس (ر) راڻا شميم جو حلفنامو وڏو سواليه نشان آهي.

پي ڊي ايم جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي حافظ حمدالله چيو ته مخالف ڌر اڳ به خدشا ظاهر ڪري چڪي آهي ته ناانصافي ٿي رهي آهي، هاڻي اهو ججن ۽ عدليه تي آهي ته هو وضاحت ڪن.

هن جو چوڻ ھو تھ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جو آڊيو ۽ جسٽس (ر) راڻا شميم جو حلفنامو وڏو سواليه نشان آهي.

پي ڊي ايم ترجمان چيو ته لانگ مارچ، استعيفائن ۽ ڌرڻن جون تجويزون تيار ڪيون وڃن، حتمي منظوري سڀاڻي جي اجلاس ۾ ڏني ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔