حڪومت سينيٽ مان به ڪيترائي بل منظور ڪرائي ورتا، اپوزيشن جو احتجاج

اسلام آباد: حڪومت سينيٽ اجلاس ۾ اپوزيشن جي گوڙ ۽ هنگامي دوران صحافين جي تحفظ سميت ڪيترائي بل منظور ڪري ورتا. صحافين جي تحفظ جو بل سينيٽ ۾ انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري پيش ڪيو جنهن جي حق ۾ 35 ۽ مخالفت ۾ 29 ووٽ آيا. دلاور خان گروپ به سينيٽ ۾ صحافين جي تحفظ لاءِ بل پيش ڪرڻ واري تحريڪ جي حق ۾ ووٽ ڏنو

حڪومت پاران صحافين جي تحفظ جو بل اضافي ايجنڊا طور پيش ڪيو ويو، جنهن تي اپوزيشن پاران سخت احتجاج ڪيو ويو ۽ ربڙ اسٽيمپ پارليامينٽ جا نعرا هنيا. انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته صحافين بابت بل تيار ڪرڻ ۾ هڪ سال لڳي ويو آهي. قانون واري وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم نيب ترميمي بل کي ضمني ايجنڊا جي طور تي سينيٽ ۾ پيش ڪيو جيڪو ايوان ۾ منظور ڪيو ويو

بئريسٽر فروغ نسيم چيو ته بل ڪنهن هڪ فرد لاءِ نه پر هر فرد لاءِ آهي. سينيٽ پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير محمد علي خان پاران پيش ڪيل هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) ترميمي بل به منظور ڪري ورتو. حڪومتي بل منظور ٿيڻ بعد مخالف ڌر جا ميمبر سينيٽ چيئرمين جي سامهون پهچي ويا ۽ ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون، جڏهن ته سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ايوان جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔