ٽريفڪ جام جو مسئلو، دبئي 2023ع ۾ اڏامندڙ گاڏي لانچ ڪندو

آمريڪي ڪمپني (Luft Car) هڪ آٽوميٽڪ گاڏي جي تياري ۾ مصروف آهي جنهن کي ٻن سالن ۾ دبئي ۾ لانچ ڪيو ويندو. هيليڪاپٽر گاڏي نه رڳو اڏامي سگھندي پر زمين تي به هلندي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب اڏامندڙ گاڏي بلڪل هڪ هيليڪاپٽر (eVTOL) جهڙي هوندي.

6 پروپيلز سان ليس اها گاڏي هيليڪاپٽر جيان سڌي انداز ۾ ٽيڪ آف ۽ لينڊ ڪندي.

هلندڙ مهيني 14 نومبر تي ڪوالمڪتوم انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي شروع ٿيل دبئي ايئر شو 2021ع ۾ ان گاڏي کي ٺاهيندڙ ڪمپني طرفان پيش ڪيو ويو.

هائڊروجن گيس سان هلندڙ گاڏي جي قيمت 3 لک 50 هزار آمريڪي ڊالر هوندي جنهن ۾ پنجن ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش آهي.

فالائنگ ڪار کي 2023ع يا 2024ع ۾ لانچ ڪيو ويندو. جنهن جو مقصد دبي ۾ ٽريفڪ جام جهڙي مسئلي کان بچاءُ ۽ ان جو حل ڳولڻ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔