ووٽ چور ۽ ڌانڌلي سٽيل حڪومت چونڊ سڌارا ڪيئن ٿي آڻي سگهي: شھباز شريف

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف اسپيڪراسد قيصر کان پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ۾ خطاب ڪندي شهباز شريف چيو آهي ته اسپيڪر بلز بلڊوز ٿيڻ کان نه روڪيو ته تاريخ کين معافي نه ڪندي، اسپيڪر اختيار استعمال ڪندي اجلاس ملتوي ڪري ۽ بلز تي مشاورت ڪرائـَي

شهباز شريف چيو آهي ته بلز بلڊوز ٿيڻ جو سڀ کان وڏو بار اسپيڪر جي ڪلهن تي هوندو، آر ٽي ايس خراب ٿيو ته ڌانڌلي سٽيل حڪومت وجود ۾ آئي، هاڻي اُها حڪومت عوام ڏانهن ووٽ لاءِ وڃڻ کان بچڻ لاءِ ايوِل وِشس مشين اي وي ايم تي ضد ٻڌي بيٺي آهي

هن چيو ته ووٽ چور ۽ ڌانڌلي سٽيل حڪومت چونڊ سڌارا ڪيئن آڻي ٿي سگهي، حڪمران اي وي ايم ذريعي سليڪٽيڊ اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ گهرن ٿا، اپوزيشن کي داد ڏيان ٿو جو دٻاءُ ۾ نه آئي، اسان پارليامينٽ مان ڪارا قانون پاس ٿيڻ نه ڏينداسين

شهباز شريف پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن اي وي ايم کي رد ڪيو ته حڪومتي وزيرن الزامن جا تير وسايا، اليڪشن ڪميشن جي اعتراضن باوجود چونڊ سڌارن بابت ڪارو قانون منظور ڪرايو پيو وڃي، هن چيو آهي ته حڪومت اي وي ايم جي بجاءِ مهانگائي تي ڪم ڪري ها ته عوام جو ڀلو ٿئي، ڊالر 175 تائين پهچي ويو ۽ کنڊ 130 روپين ۾ به نٿي ملي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔