اي وي ايم ” ايول ڊيزائر“ کي دفن ڪرڻ لاءِ آڻي رهيا آهيون: شاهه محمود قريشي

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کي ڌانڌلي لاءِ نه پر پنهنجي خواهشن کي دفن ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ شهباز شريف اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشين کي خراب ۽ شيطاني مشين قرار ڏنو، شهباز شريف جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جلدي ۾ ڪو قانون پاس نه ڪري رهيا آهيون ۽ نه ئي ڪو ڪارو قانون لاڳو ڪيو پيو وڃي

هن چيو ته اسان مخالف ڌر کان بار بار اليڪٽرڪ ووٽنگ مشين جي حوالي سان سوال ڪيا آهن، اچو ته ڏسو ان جو ڊيمو ڪنداسين، اسان توهان کي اي وي ايم بابت بريفنگ ڏينداسين ۽ ان جو مقصد آهي ملڪ ۾ ايندڙ چونڊن تي ڪير سوال نه اٿاري

پرڏيهي وزير چيو ته شهباز شريف اي وي ايم کي ايول وشز مشين قرار ڏنو جيڪو سندس حق آهي پر مان واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته اي وي ايم ايول ويشز مشين ناهي پر ايول خواهشن کي دفن ڪرڻ لاءِ آندو پيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔