پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ قانونسازي تي حڪومت ۽ اپوزيشن آمهون سامهون

اسلام آباد: پارليامينٽ ۾ اپوزيشن جي اتحاد پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس لاءِ حڪمتي عملي جوڙي ورتي، اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ حڪومتي قانونسازي جي رستا روڪ بابت لائحه عمل تي صلاح مشورا ڪيا ويا

ذريعن موجب اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته پارليامينٽ ۾ حڪومتي قانونسازي جي ڀرپور نموني رستا روڪ ڪئي ويندي، اپوزيشن پارٽيز جا سربراهه پنهنجي ميمبرز جي شرڪت يقيني بڻائيندا، اپوزيشن ميمبرز کي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت يقيني بڻائڻ جي به هدايت، پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيل اجلاس دوران پ پ ۽ نواز ليگ سوڌو ٻين اپوزيشن پارٽيز جا اڳواڻ شريڪ هئا

وزيراعظم عمران خان سمورن حڪومتي ميمبرز کي سڀاڻي پارليمينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي وزيراعظم سان حڪومتي وزيرن ۽ پارٽي اڳواڻن جي ملاقات دوران پارليامينٽ جي اجلاس بابت حڪمت عملي تي صلاح مشورا، چيف وهپ عامر ڊوگر طرفان وزيراعظم کي ميمبرز جي اسلام آباد ۾ مودجوگي بابت آگاهي، متحده پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ حڪومتي قانونسازي جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو، وفاقي وزير امين الحق چيو آهي ته اي وي ايم سوڌو ٻين حڪومتي بلز جي حمايت ڪنداسين، متحده پاڪستان جي مطالبي تي حيدرآباد يونيورسٽي جي قيام ۽ آدمشماري بابت بلز به پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪيا ويندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔