اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ: رانا شميم، مير شڪيل، انصار عباسي ۽ عامر غوري کي شوڪاز نوٽيس جاري، جواب طلب

ڪراچي : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي جج خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ راڻا شميم، مير شڪيل الرحمان، انصار عباسي ۽ دي نيوز جي ايڊيٽر عامر غوري کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ گلگت بلتستان جي اڳوڻي جج رانا شميم جي الزامن تي اٽارني جنرل آف پاڪستان خالد جاويد، چيف ايڊيٽر مير شڪيل الرحمان، دي نيوز جو ايڊيٽر عامر غوري ۽ رپورٽر انصار عباسي پيش ٿيا

عدالتي حڪم باوجود اڳوڻو جج رانا شميم هاءِ ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيو، راڻا شميم جو پٽ عدالتي ڪمري ۾ پيش ٿي ڪري وڊيو هلائڻ جي اجازت گهري ، چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ اطهرمن الله مير شڪيل الرحمان کي مخاطب ٿيندي چيو ته مير شڪيل صاحب توهان کي وڏي دل سان هتي گهرايو آهي، هي عدالت هڪ آزاد ۽ آئيني ادارو آهي، پريس جي آزادي اهم آهي، سوشل ميڊيا ۽ پريس ۾ فرق آهي

چيف جسٽس اطهرمن الله چيو ته عدالت تي عوام جو اعتماد بحال ڪرڻو آهي، هاءِ ڪورٽ بنا ڪنهن خوف ۽ ڊپ جي عوام جي حقن جو تحفظ ڪيو آهي، اوهان جي رپورٽ هاءِ ڪورٽ ۾ سوال اٿاريا آهن. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته مون کي عدالت جي هر جج تي اعتماد ۽ ڀروسو آهي، جج به احتساب جي قابل آهن ۽ تنقيد به ٿيڻ گهرجي، عوام جو اعتماد کڄي ويو ته بي يقيني پيدا ٿي ويندي، هاءِ ڪورٽ کي سائلين جي لاءِ احتساب جي قابل سمجهان ٿو

چيف جسٽس اطهرمن الله انصار عباسي کي حڪم ڪيو ته پنهنجي اخبار جي خبر جي هيڊ لائن پڙهڻو، جنهن تي انصار عباسي عدالت ۾ پنهنجي خبر جي هيڊ لائن پڙهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اها اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آهي جيڪا ڪنهن کان هدايت نه وٺندي آهي، هي حلف نامو ڪنهن عدالتي رڪارڊ جو حصو ئي ناهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔