بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان، ڏاهاڻي ڊراپ

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏي ويندي، ٻنهي ٽيمن ۾ پهرين ٽيسٽ 26 کان 30 نومبر تائين چٽاگانگ، جڏهن ته ٻي ميچ 4 کان 8 ڊسمبر تائين ڍاڪا ۾ کيڏي ويندي.

اسڪواڊ ۾ امام الحق ۽ بلال آصف جي واپسي ٿي آهي، انجريءَ سبب ياسر شاهه جاءِ نه ٺاهي سگهيو، جڏهن ته حارث رئوف، عمران بٽ ۽ شاهنواز ڏاهاڻي کي ڊراپ ڪيو ويو آهي.

ڪامران غلام کي پهريون ڀيرو قومي ٽيسٽ اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي، هن گذريل سال قائداعظم ٽرافي ۾ بهترين راند جو مظاهرو ڪيو هو،

ٽيسٽ سيريز ۾ قومي ٽيم جي قيادت بابر اعظم ڪندو ۽ محمد رضوان نائب ڪپتان هوندو، ٻين رانديگرن ۾ عبدالله شفيق، عابد علي، اظهر علي، فواد عالم، امام الحق، ڪامران غلام، سعود شڪيل، سرفراز احمد، فهيم اشرف، محمد نواز، بلال آصف، حسن علي، محمد عباس، نسيم شاهه، نعمان علي، شاهين آفريدي ۽ زاهد محمود شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔