سون جي اگهه ۾ في تولي تي 1900 رپين تائين گهٽتائي

ڪراچي:ملڪ ۾ سون اگهن ۾ لاهن چاڙهڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ سون اگهن ۾ وڏي لاٿ سامهون آئي آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ 1900 رپيا لاٿ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت هڪ لک 26 هزار 200 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 1629 رپيا سستو ٿي هڪ لک 8 هزار 196 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 3 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 1863 ڊالر في اونس ٿي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔