سنڌ حڪومت پاران 19هين گريڊ جي انجنيئرن جون مقرريون ۽ بدليون

ڪراچي : سنڌ حڪومت پاران 19هين گريڊ جي انجنيئرن جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن. نارا ڪئنال ميرپورخاص جي ڊائريڪٽر مجتبيٰ ڌامراهه کي بدلي ڪري ليفٽ بينڪ ڪئنال بدين ۾ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو

بدين مان غلام علي ٽڳڙ کي بدلي ڪري پڃياري سرڪل حيدرآباد ۾ سپرينٽنڊنٽ انجنيئر مقرر ڪيو ويو. حيدرآباد مان جاويد حڪيم کي بدلي ڪري نارا ڪئنال ميرپورخاص ۾ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. چيف سيڪريٽري جي منظوري بعد سروسز کاتي جي اختيارين پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔