عالمي منڊي ۾ پيٽرول جون قيمتون گهٽ ٿي ويون آهن، مهانگائي سرڪار اعلان ڪڏهن ڪندي: شيري رحمان

ڪراچي: سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ 1.6 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. مهانگائي سرڪار تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪڏهن ڪندي.؟
رپورٽ موجب پ پ جي مرڪزي نائب صدر ۽ سينيٽر شيري رحمان سماجي رابطي جي ويب سائٽ تي ٽوئٽ ڪندي چيو آهي ته پيٽرول ۽ ڊالر جي قيمت ۾ اضافي سان هفتيوار مهانگائي جي شرح ۾ لاڳيتو گهٽتائي ٿي رهي آهي. هفتيوار بنيادن تي مهانگائي جي شرح 17.37 سيڪڙو جي رڪارڊ تي پهچي چڪي آهي. هڪ هفتي دوران 30 کان وڌيڪ عام واهپي وارين شين ۾ اضافو ٿيو.
شيري رحمان چيو ته ڊالر 1 روپيو 80 پئسن جي اضافي سان بلند ترين سطح 176 روپين تائين پهچي ويو. ٻئي طرف 3 سالن ۾ تباهي سرڪار 16 هزار ارب روپين جو قرض ورتو آهي. وڌندڙ مهانگائي، قرضن، ڊالر ۽ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ڳڻتي جوڳو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔