ڪورونا وبا وڌيڪ يارنهن مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، 200 کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 11 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 28 هزار 595 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک 79 هزار 373 ٿي ويو آهي.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 231 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 4 لک 41 هزار 720، سنڌ ۾ 4 لک 73 هزار 81، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 79 هزار، بلوچستان ۾ 33 هزار 391، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 400 اسلام آباد ۾ هڪ لک 7 هزار 275، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 506 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.
سموري ملڪ ۾ هينئر تائين 2 ڪروڙ 13 لک 52 هزار 792 مريضن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 33 هزار 862 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 12 لک 27 هزار 688 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته هڪ هزار 119 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔