پاڪستاني حڪومت ۽ ٽي ٽي پي جي وچ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون: افغان وزير

ڪراچي: فغانستان جي نگران پرڏيهي وزير امير خان متقي چيو آهي ته اسلامي امارت پاڪستان جي حڪومت ۽ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي وچ ۾ ٽياڪڙيِ ڪري رهي آهي، يقين آهي ته ڳالهين جو نتيجو مثبت نڪرندو

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي امير خان متقي چيو ته امن جو قيام ۽ جنگ جو خاتمو سڀني جي فائدي ۾ آهي، اسان جي حڪومت جو ڪردار ٽياڪڙي وارو آهي، ان لاءِ ڪنهن ڌر جي طرف جهڪاءُ ظاهر ڪرڻ مناسب نه آهي، خطي ۾ ڪنهن به قوت کي اجازت ناهي ته ماڻهن کي هڪ ٻئي خلاف اڀارجي

واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ سُڌ سماءُ واري وفاقي وزيرفواد چوڌري به پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي سان ڳالهين جي تصديق ڪري چڪا آهن ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ فواد چوڌري چيو هو ته حڪومت ۽ ٽي ٽي پي جي وچ ۾ مڪمل سيز فائر تي اتفاق ٿي ويو آهي ۽ ڌرين وچ ۾ افغانستان جي ٽياڪڙي ۾ ڳالهيون جاري آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔