تعليم کي صنعت بڻايو ويو، اسڪول فيس 30 هزار آهي:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد؛ سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي امين ريمارڪس ڏنا آهن ته اڳ ڪاليج فيس 8 رپيا هوندي هئي، هاڻ ننڍي ٻار جي فيس 30 هزار رپيا آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ خيبر پختونخواهه ۾ زلزلي سٽيل علائقن ۾ اسڪولن جي اڏاوت نه ٿيڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

عدالت زلزلي متاثرن جي بحالي جي اداري (ايرا) کي اڏاوت هيٺ منصوبا جون 2022 تائين مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪي پي حڪومت کان اڳڀرائي رپورٽ ۽ تعمير ٿيل اسڪولن ۾ شاگردن ۽ استادن جا تفصيل به گهري ورتا.

چيف جسٽس ايرا چيئرمين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ايرا آفيسر رڳو پگهارون ۽ مراعتون وٺي رهيا آهن، توهان جا پنهنجا ٻار اسڪول کان محروم هجن ها پوءِ توهان ڪم ڪيو ها.

ايرا چيئرمين چيو ته 14 هزار منصوبا مڪمل ڪرڻا هئا، رڳو 3 هزار رهجي ويا آهن، تعليم ۽ صحت پهرين ترجيح آهي، تعليم ۽ صحت جا منصوبا مڪمل ناهن ٿيا.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته تعليم ۽ صحت توهان جي ترجيح هجي ها ته منصوبا اڄ مڪمل هجن ها، زلزلي متاثر علائقا ته هڪ سال ۾ ئي ٺهڻ گهرجن ها، جن اسڪولن جون تصويرون ڏنيون ويون آهن، اهي غير فعال ٿا لڳن.

جسٽس قاضي امين چيو ته حڪومتن جي غفلت تعليم کي صنعت بڻائي ڇڏيو آهي، اڳ 8 رپيا ڪاليج جي فيس هوندي هئي، هاڻ ننڍي ٻار جي 30 هزار آهي، رياست جي ذميواري آهي ته مفت تعليم فراهم ڪري، ڪي پي حڪومت ايرا جي پويان لڪڻ جي ڪوشش نه ڪري.

ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ٻڌايو ته هيل تائين 540 مان 238 اسڪول مڪمل ڪري چڪا آهيون، پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔