ڊالر وڌيڪ هڪ رپيو 83 پئسا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي: انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر جو قدر ڀيرو ٻيهر وڌي ويو ۽ هڪ ڏينهن دوران ڊالر 1.83 رپيا مهانگو ٿي ويو آهي.

اڱاري ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قدر ۾ وڏي تيزي ڏٺي وئي، هڪ وقت ۾ ڊالر جو قدر هڪ رپيو 63 پئسا مان وڌي 172 رپيا 14 پئسا ٿي ويو پر پوءِ ڊالر جو انٽر بئنڪ ريٽ 171.85 رپين جي سطح تي اچي ويو.

اوپن مارڪيٽ ۾ پرڏيهي ڪرنسي جي ڏي وٺ سان سلهاڙيل ادارا ڊالر خريد ته ڪري رهيا آهن پر انتهائي محدود پئماني تي وڪرو ڪيو پيو وڃي.

هوڏانهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به 743 پوائنٽن جي گهٽتائي ڏٺي وئي آهي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سعودي عرب طرفان 3 ارب ڊالر پاڪستان جي اڪائونٽ ۾ ڊپازٽ ڪرڻ کانپوءِ رپئي جي قدر ۾ واڌ ڏٺي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔