حڪومت افغانستان تي مهربان، فنڊ قائم، ڪڻڪ ۽ چانور موڪلڻ جو به فيصلو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت افغانستان لاءِ خاص فنڊ قائم ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ پاڪستاني عوامي عطيا جمع ڪرائي سگهي ٿو.

وفاقي ڪابينا اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته افغانستان ۾ ٻه ڪروڙ 30 لک ماڻهو خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن ۽ هيل تائين 8 ٻار خوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿي چڪا آهن، اسان دنيا کي پنهنجي خدشن کان اڳ ئي آگاهه ڪري چڪا آهيون پر هاڻ اهڙا سمورا امڪاني قدم کڻنداسين، جيڪي افغان عوام لاءِ مناسب هوندا، تنهن ڪري فنڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن عوام عطيا جمع ڪرائي سگهي.

هن ٻڌايو ته ڪابينا وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ ۽ چانور افغانستان موڪلڻ ۽ افغانستان جي سڀني درآمدن تي ٽيڪس ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سندس چوڻ هو ته اسلامي سهڪار تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس اسلام آباد ۾ ايندڙ مهيني ٿيندو، جتي مسلم ملڪن کي افغانستان جي مسئلن جي حل لاءِ اپيل ڪئي ويندي، جيڪڏهن افغانستان کي خوراڪ جي بحران کان نه بچايو ويو ته صورتحال صفا خراب ٿي ويندي.

فواد چوڌري چيو ته افغانستان لاءِ خاص فنڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ پاڪستاني عوام عطيا جمع ڪرائي سگهي ٿو، افغانستان مان انتهائي مايوس ڪندڙ خبرون اچي رهيون آهن ته خوراڪ لاءِ ٻارن کي کپايو پيو وڃي.

هن چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پاڪستان جو دورو ڪندڙ افغانستان جي وفد سان انساني الميي بابت ڳالهائينداسين، افغانستان جا اثاثا منجمد ٿيڻ سبب اتي انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي ۽ کين ٻاهرين امداد به حاصل ناهي، جنهن سبب افغانستان جي معيشت تباهه ٿي چڪي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔