اهم معاملن تي قانون سازي لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 11 نومبر تي طلب

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 11 نومبر جي صبح 11 وڳي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ بابت حتمي مشاورت ڪئي وئي ۽ 11 نومبر جي صبح 11 وڳي اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

پارلياماني معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار بابر اعواڻ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ امڪاني قانون سازي تي ڪابينا ميمبرن کي بريفنگ ڏيندي چيو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ چونڊ ۽ قانوني سڌارن، اليڪٽرانڪ ووٽنگ ۽ ادارن جي سڌارن بابت قانون سازي ڪرائي ويندي.

سندس چوڻ هو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي ڪيس بابت به قانون سازي ڪرائي ويندي.

ڪابينا جي منظوري کانپوءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 11 نومبر جي صبح 11 وڳي طلب ڪيو ويو آهي ۽ ان حوالي سان سمري صدر عارف علوي کي موڪلي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔