اسان افغانستان جي مدد ڪري رهيا آهيون، هاڻ عالمي برادري به قدم کڻي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان بي بي سي جي افغانستان بابت رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته افغانستان ۾ انساني بحران کان خبردار ڪندو آيو آهيان ۽ هاڻ اها ئي ڳالهه ورلڊ فوڊ پروگرام جو سربراهه به ڪري رهيو آهي.

ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ بي بي سي جي رپورٽ سان گڏ وزيراعظم عمران خان لکيو ته مان انساني بحران کان خبردار ٿو ڪيان، هاڻ ورلڊ فوڊ پروگرام جو سربراهه به الرٽ جاري ڪري رهيو آهي.

هن لکيو ته پاڪستان افغانستان کي انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ هر ممڪن رليف فراهم ڪندو رهندو پر عالمي برادري کي به هاڻ ايڪشن وٺڻ گهرجي.

سندس موجب هاڻ عالمي برادري جي اخلاقي ذميواري آهي ته اها افغان عوام کي پيش ان انساني تباهي کي روڪي.

واضح رهي ته ورلڊ فوڊ پروگرام جي سربراهه افغانستان ۾ انساني بحران تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو هو ته 30 لک ماڻهن کي مدد فراهم ڪري رهيا آهيون پر غربت ۽ بُک جي شڪار ماڻهن جو افغانستان ۾ انگ هڪ ڪروڙ تائين وڃي پهچندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔