200 ڏينهن کان پوءِ ناسا جي خلابازن جي زمين تي واپسي

عالمي خلائي اسٽيشن ۾ 200 ڏينهن کان پوءِ ناسا جا خلاباز زمين تي پهچي ويا.
اسپيس ايڪس ڪريو ڊريگن ۾ سوار خلابازن جي چار رڪني ٽيم ڪاميابي سان نار ميڪسيڪو ۾ لينڊ ڪيو، عالمي خلائي اسٽين کان زمين تي واپسي جو سفر ڪندڙ ناسا جي خلابازن کي زمين تي پهچڻ لاءِ گھڻن چئلينجز کي منهن ڏيڻو پيو.
خلابازن موجب هنن جي ڪيپسول جو واش روم ٽٽي پيو، جنهن ڪري خلابازن ڊائپرز پهري پنهنجو وقت ڪڍيو، جڏهن ته واپسي جي وقت موسم خراب هجڻ سبب کين موٽڻ لاءِ وڌيڪ انتظار ڪرڻو پيو.
هلندڙ سال اپريل ۾ آمريڪي خلائي اداري ناسا ۽ ايلون ماسڪ جي خانگي راڪيٽ ڪمپني اسپيس ايڪس عالمي خلائي اسٽيشن ۾ 4 خلاباز موڪليا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔