حڪومت مهانگائي سٽيل عوام مٿان هڪ ڀيرو وري بجلي جو بم ڪيرائي ڇڏيو

اسلام آباد: نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) هڪ ڀيرو وري بجلي جي قيمتن ۾ اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، نيپرا جي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بجلي جي قيمت ۾ في يونٽ 2 رپيا 52 پيسن جو اضافو ڪيو ويو آهي

نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بجلي سيپٽمبر جي مهيني ۾ فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ مهانگي ڪئي وئي، جنهن جي قيمت ۾ نومبر جي بلن ۾ وصول ڪئي ويندي، جاري ڪيل نوٽفڪيشن موجب بجلي جي قيمتن ۾ ڪيل اضافو ڪي اليڪٽرڪ ۽ لائف لائن صارفين تي لاڳو نه ٿيندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔