ايم اين اي عبدالڪريم منهنجي مڙس کي گهرايو ۽ قتل ڪري ڇڏيو: ناظم جوکيو جي بيوه

ڌاٻيجي: شهيد ناظم جوکيو جي وني شيرين جوکيو چيو آهي ته ايم اين اي عبدالڪريم جوکيو ناظم کي گهرايو ۽ کيس بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو. هڪ انٽرويو ۾ شيرين جوکيو چيو ته واقعي واري ڏينهن ڏير افضل منهنجي مڙس کي ٻڌايو ته ڄام عبدالڪريم بار بار فون ڪري چوي ٿو ته ناظم کي پيش ڪريو. شيرين جوکيو چيو ته ناظم جو وڏيرن ڏانهن وڃڻ جو ڪو به ارادو نه هو ۽ هن چيو ته اسان ڪنهن کان به نه ٿا ڊڄون، هر ڪو پنهنجي گهران کائي ٿو.

هن چيو ته منهنجي مڙس کي پنهنجن مائٽن وڏيرن ڏانهن وڃڻ لاءِ چيو. ايم اين اي ڳالهيون ڪرڻ جي نالي تي دوکو ڪري ناظم کي پاڻ وٽ گهرايو. منهنجو ڏير هن کي احترام مان بابا چوندو هو پر هن ان احترام جو خيال به نه ڪيو ۽ منهنجي جاني کي ماري ڇڏيو. شيرين جوکيو چيو ته وزيراعظم عمران خان، بلاول ڀٽو زرداري، چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ ٻين کي اپيل ٿي ڪريان ته مون کي پئسا نه کپن، منهنجي جاني جي قاتلن خلاف ڪارروائي ڪيو ۽ مون کي انصاف ڏياريون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔