ناظم جوکيو قتل ڪيس: پ پ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوابدار طور نامزد

ملير: شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس جي جاچ ۾ غيرمعمولي اڳڀرائي، ملير پوليس پ پ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم کي به قتل ڪيس ۾ جوابدار نامزد ڪري ڇڏيو، شهيد جي ڀاءُ جي بيان ۽ ڄام هائوس مان ڊي وي آرهٿ اچڻ بعد ايم اين اي ڄام عبدالڪريم کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آھي

16 کان وڌيڪ ماڻهو جاچ ۾ شامل، شهيد ناظم جي وڊيو ۽ آڊيو بيانن کي مُک ثبوت طور جاچ جو حصو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، پوليس واردات بعد ڄام هائوس مان مبينا طور گُم ڪيل ڊي وي آر هٿ ڪري ورتي آھي

ڄام هائوس سوڌو مختلف علائقن ۾ ڇاپن دوران وڌيڪ 3 ڄڻا گرفتار، شهيد ناظم جي قتل ۾ استعمال ٿيل ڏنڊا به هٿ، پوليس جو چوڻ آهي ته شهيد ناظم جي قتل بعد ايم پي اي ڄام اويس بلوچستان جي علائقي خضدار فرار ٿي ويو هو، پوليس جو دٻاءُ وڌڻ بعد ڄام اويس ڪراچي واپس اچِي گرفتاري پيش ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔