جوابدار ڄام اويس کي هٿڪڙيون نه لڳائيندڙ آفيسر خلاف ڪارروائي ٿيندي: ڪراچي پوليس چيف

ڪراچي: ڪراچي پوليس چيف عمران يعقوب منهاس ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار ايم پي اي ڄام اويس کي پوليس طرفان وي آءِ پي پروٽوڪول ڏيڻ وارين خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران يعقوب منهاس چيو آهي ته ناظم جوکيو جو قتل ڪيس مقتول جي وارثن جي خواهشن جي موجب داخل ڪيو ويو آهي ۽ ڪيس جي جاچ به ميرٽ تي ٿي رهي آهي

هن چيو آهي ته ايم پي اي ڄام اويس کي وي آءِ پي پروٽوڪول نه پيو ڏنو وڃي، هو هن وقت ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ آهي، ڪراچي پوليس چيف جو چوڻ آهي ته ڄام اويس جي عدالت ۾ پيشي وقت کيس هٿڪڙيون نه لڳائڻ تي لاڳاپيل آفيسر کان جاچ ڪئي وئي آهي ۽ آفيسر جي خلاف ڪارروائي به ڪئي ويندي

شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ڪراچي شهر ۾ وارداتون ٿي رهيون آهن پر گذريل 2 مهينن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم گهٽيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔