وزيراعظم طرفان ناظم جوکيو قتل معاملي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ جي گورنر جي سفارش تي وزيراعظم عمران خان ناظم جوکيو قتل معاملي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وفاقي سرڪار طرفان جي آءِ ٽي بابت جلد نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جا امڪان آھن

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ۽ گورنر وچ ۾ ملاقات دوران ناظم جوکيو قتل معاملي تي جي آءِ ٽي جوڙڻ تي اتفاق ٿيو آھي

گورنر عمران اسماعيل وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ناظم جوکيو قتل ڪيس کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ايم پي ايز شفاف جاچ اڳيان رنڊڪ پيدا ڪري رهيا آهن، ناظم جوکيو جي وارثن تي به دٻاءُ آهي، جي آءِ ٽي جوڙي شفاف جاچ ڪرائڻ سان شهيد جي وارثن جو قانون تي اعتماد بحال ٿيندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔