ملڪ ۾ مهانگائي موجوده حڪومت جي نااهلي سبب آهي: شاهد خاقان

اسلام آباد: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي موجوده حڪومت جي نااهلي سبب وڌي رهي آهي. نيون چونڊون ڪنهن به وقت ٿي سگهن ٿيون، ڪارڪن تياريون ڪن.
شاهد خاقان عباسي چيو ته نيب چوي ٿو ته 539 ارب حڪومت کي ڏنا. ناڻي واري وزارت موجب ساڍا 6 ارب سرڪار کي مليا. هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جو هنن جي مٿان ڪيس ٺهندا جڏهن نيب کان پڇيو ويندو ته ٻيا پئسا ڪٿي آهن؟ نيب چيئرمين ۽ پراسيڪيورٽر جو حساب ڪمزور لڳي رهيو آهي.
صحافين سان ڳالهيون ڪندي (ن) ليگ اڳواڻ چيو ته سموري ملڪ ۾ گيس اسان جي لڳايل ٽرمينل مان اچي رهي آهي. نيب پراسيڪيوٽر چئي رهيو آهي ته ايل اين جي ٽرمينل مان قومي ناڻي کي اربين روپين جو نقصان ٿيو آهي. هن چيوته کنڊ تي ڪميشن مٿان ڪميشن ٺهيا، ان جو ڇا ٿيو، ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وئي. مهرباني ڪري ڪميشن ٺاهڻ ڇڏيو، هن ملڪ کي هلڻ ڏيو، کنڊ جا چور ڪابينه جي ٽيبل تي ويٺل آهن.
شاهد خاقان عباسي چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي حڪومت جي نااهلي سبب وڌي رهي آهي. پاڪستان ۾ نيون چونڊون ڪنهن به وقت ٿي سگهن ٿيون. ايندڙ چونڊن ۾ پاڪستان جي عوام جي مرضي جي حڪومت ٺهندي. هن چيو ته حڪومت پاڻ تنظيم کي ڪالعدم قرار ڏئي ٿي پاڻ ئي ختم ڪندي آهي. حڪومت هاڻ ٽي ايل پي جي اتحادي بنجڻ جي ڪوششن ۾ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔